ايميلي عرف تعليم

ايميلي عرف تعليم (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب محمد ابراهيم جويي جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل آهي. ڪرائون سائيز ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 130 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو 8 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، نئين ادبي سوسائٽي، حيدرآباد طرفان، آفتاب پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1950ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ايڊيوڪيشنل بوڪ ڊيپو حيدرآباد وارن سال 1954ع ۾ ڇپايو. ان کان پوءِ به هن ڪتاب جا ٻه ڇاپا ڇپيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو